ڀارت سان واپار معطل، سفارتي لاڳاپا به گهٽائڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جي قدم کانپوءِ سلامتي ڪائونسل جي اهم اجلاس ۾ ڀارت سان ٻه طرفو واپار معطل ڪرڻ ۽ سفارتي لاڳاپا محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم هائوس ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي ۽ ڀارت جي حوالي سان 5 اهم فيصلا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ، گهرو وزير اعجاز شاهه، تعليم وارو وزير شفقت محمود، انساني حقن بابت وزير شيرين مزاري، ڪشمير ۽ گلگت جي معاملن بابت وزير، قانون وارو وزير، ناڻي بابت صلاحڪار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جنرل فيض حميد سميت ٻيا شريڪ ٿيا.

اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ڀارتي حڪومت طرفان کنيل غير قانوني قدمن کانپوءِ بگڙجندڙ صورتحال ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني توڙي ڪنٽرول لائن تي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀارت سان لاڳاپن تي نظرثاني ۽ واپار معطل ڪرڻ سميت 5 اهم فيصلا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀارت سان سفارتي لاڳاپن کي محدود ڪيو ويندو، پاڪ – ڀارت لاڳاپن تي نظرثاني ڪئي ويندي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي کانپوءِ ڀارت جي غير قانوني قدمن کي سلامتي ڪائونسل سميت گڏيل قومن اڳيان اٿاريو ويندو، آزادي جو ڏهاڙو ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي ڏينهن طور ملهايو ويندو ۽ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاڳر ڪندي ڀارت جي آزادي جي ڏينهن 15 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو.

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻه طرفن لاڳاپن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويندو.

وزيراعظم سمورن سفارتي چئنلز کي فعال ڪرڻ ۽ پاڪ فوج کي تيار رهڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.