لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ، ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهري جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو اهي.

پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڊي جي سائوٿ ايشيا ۽ سارڪ ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ گذريل ڏينهن ڀارتي فوج جي فائرنگ سان شهري جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو.

ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي خط به ڏنو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارتي فوج گذريل ڏينهن ايل او سي جي تته پاني سيڪٽر جي شهري آبادي تي بنا سبب فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو، ڀارتي فوج طرفان جنگ بندي جي ڀڃڪڙين ۾ تيزي آئي آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ٻن سالن ۾ 1970 ڀيرا جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي، ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول تي شهري آزادي کي ڳرن هٿيارن سان نشانو بڻائي رهي آهي، شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ انساني عظمت، عالمي انساني حقن ۽ هيومنٽيرين قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت طرفان جنگ بندي جي ڀڃڪڙي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.

پاڪستان ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو 2003 جي جنگبندي مفاهمت جو احترام ڪري، پنهنجي فوج کي جنگ بندي تي مڪمل عمل جي هدايت ڪري، لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي امن برقرار رکي ۽ گڏيل قومن جي امن مشن کي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪردار ادا ڪرڻ ڏئي.

You might also like