پاڪستان پارليماني ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پارليماني ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي 16 رنسن تان هارائي ڇڏيو.

لنڊن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي پارليماني ٽيمن وچ ۾ ميچ ٿيو جنهن ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون ٺاهيون.

قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر نيوزيلينڊ جي پارليماني ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا انهن قبول ڪري ورتي آهي.

اسد قيصر چيو ته پارليماني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ غير پارليمانين جي شموليت افسوسناڪ ۽ نامناسب آهي ۽ ان ڏس ۾ اسپيڪر هائوس آف ڪامن آڏو سرڪاري طور احتجاج ڪندس.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارليماني ڪرڪيٽ ٽيم دنيا ۾ پاڪستان جو سافٽ اميج اجاگر ڪري رهي آهي.

هن چيو ته مون قومي اسيمبلي ۾ سخت فيصلا ڪيا آهن ۽ اڳتي به قانون موجب فيصلا ڪندس جڏهن ته پروڊڪشن آرڊر جي قانون ۾ تبديلي تي اسپيڪر جو ڪو به ڪردار ناهي هوندو پر جيڪڏهن حڪومت يا مخالف ڌر ڪا ترميم آڻڻ چاهي ته قانون موجب عمل ڪيو ويندو.

ان موقعي تي زين قريشي چيو ته پروفيشنلز خلاف پاڪستاني ٽيم سٺي راند جو مظاهرو ڪيو پر ٽيم ۾ غير پارليمانين تي پنهنجو احتجاج ضرور ريڪارڊ ڪرائينداسين.

You might also like