مانچسٽر ۾ برسات ڪروڙين شوقينن کي مايوس ڪري ڇڏيو…

 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ميچ جو سڀني کي بي صبريءَ سان انتظار آهي ۽ هزارين مداح مانچسٽر پڻ پهچي چڪا آهن پر برطانيا جي موسميات کاتي سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ورلڊ ڪپ مقابلو سڀاڻي اولڊ ٽريفورڊ مانچسٽر ۾ ٿيندو پر موسميات کاتي موجب آچر ڏينهن برسات جو خدشو آهي، برسات سبب پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽريننگ سيشن پڻ متاثر ٿيو ۽ ٽيمون ان ڊور نيٽس تائين محدود رهيون.

برطانوي موسميات کاتي موجب آچر ڏينهن 12 وڳي برسات جا 50 سيڪڙو امڪان موجود آهن، جيڪي هڪ وڳي تائين وڌي 70 سيڪڙو ٿي ويندا، جڏهن ته 2 کان 5 وڳي تائين 60 سيڪڙو آهن، 6 وڳي برسات جا امڪان 80 سيڪڙو آهن.

واضح رهي ته خراب موسم ۽ برساتن سبب ورلڊ ڪپ جون 4 ميچون بنا نتيجي ختم ٿي چڪيون آهن، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.

You might also like