وزيراعظم عمران خان کي روس جي دوري جي دعوت جي ترديد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان روسي صدر ولاديمير پيوٽن طرفان وزيراعظم عمران خان کي روس جي دوري جي دعوت ڏيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي وضاحت ڪئي ته  وزيراعظم عمران خان جي روس ۾ ايسٽرن اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت جون خرون رڳو افواهه آهن.  هن چيو ته پاڪستان ۽ روس اعليٰ سطح تي رابطي ۾ آهن، ان سلسلي ۾ ڪو به اعلان مناسب وقت تي باضابطا طور تي ڪيو ويندو.