پاڪستان ڇهن ڏهاڪن کان امن دستا فراهم ڪندڙ وڏن ملڪن ۾ شامل آهي: مليحه لوڌي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي جو چوڻ آهي ته پاڪستان 46 امن مشنز ۾ ٻه لک کان وڌيڪ جوان موڪليا ۽ پاڪستان 6 ڏهاڪن کان امن دستا فراهم ڪندڙ وڏن ملڪن ۾ شامل آهي.

 

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي سلامتي ڪائونسل جي سوال جوابن واري سيشن ۾ خيالن جواظهار ڪندي چيو ته امن مشنز کي نتيجو ڏيندڙ ۽ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ ٽه ڌريو سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي، سلامتي ڪائونسل، يو اين سيڪريٽريٽ ۽ امن دستا فراهم ڪندڙ ملڪن کي گڏيل سهڪار وڌائڻ گهرجي.

 

مليحه لوڌي چيو ته امن مشن بابت اسٽيڪ هولڊرن جي گڏيل سهڪار بنا چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ممڪن ناهي، پاڪستان ڇهن ڏهاڪن کان امن دستا فراهم ڪندڙ وڏن ملڪن۾ شامل آهي، پاڪستان 46 امن مشنز ۾ ٻه لک کان وڌيڪ جوان موڪليا، پاڪستان ۽ مراڪو فوجي ۽ پوليس فراهم ڪندڙ ملڪن جو غيررسمي گروپ جوڙيو جڏهن ته پاڪستان جا نيرا هيلمنٽس بهترين تربيت يافته، هٿياربند ۽ هر قسم جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

You might also like