آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ 3 سالن جي واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ 3 سالن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

وزير اعظم آفيس مان جاري نوٽيفڪيشن موجب وزير اعظم عمران خان موجوده موجوده مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ جنرل قمر جاويد باجوه کي وڌيڪ 3 سالن جي لاءِ آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو.

نوٽيفڪيشن موجب آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو.

خيال رهي ته 29 نومبر 2016ع تي آرمي چف جنرل قمر جاويد باجوه جنرل راحيل شريف جي جاءِ تي پاڪ فوج جي قيادت سنڀالي هئي.

واضح رهي ته پاڪستان جي سول حڪومت جي تاري ۾ ٻيون ڀيرو آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

You might also like