مخالف ڌر طرفان سينيٽ چيئرمين خلاف ٺهراءُ اڄ جمع ڪرايو ويندو

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر طرفان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف ٺهراءُ اڄ سينيٽ سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايو ويندو.

حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ هلائڻ بابت مخالف ڌر جي 9 سياسي پارٽين جي 11 ميمبرن تي ٻڌل رهبر ڪميٽي سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ 26 سينيٽرن جون صحيحون گهربل آهن جنهن لاءِ مخالف ڌر پارٽين جي سينيٽرن کي ساڍي يارنهن وڳي سڏايو ويو آهي.

مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي سينيٽ چيئرمين جو عهدو مسلم ليگ ( ن ) کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

واضح رهي ته رهبر ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس 11 جولائي تي ٿيندو ۽ ان ئي ڏينهن نئين سينيٽ چيئرمين جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.