مخالف ڌر سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي. پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر راجا ظفر الحق جي صدارت ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر مشاهد الله خان، شيري رحمان، مولانا عطاءَ الرحمان، عثمان ڪاڪڙ، آصف ڪرماني، مير ڪبير محمد شاهي، پرويز رشيد، ستاره اياز، رحمان ملڪ، سسئي پليجو، بهر مند خان تنگي شرڪت ڪئي جڏهن ته جماعت اسلامي جو سينيٽر  مشتاق احمد ۽ سينيٽر راج الحق اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف ٺهراءُ شيري رحمان ۽ مسلم ليگ ن جي سينيٽر جاويد عباسي تيار ڪيو جنهن تي مخالف ڌر پارٽين جي سينيٽرن شرڪت ڪئي. سينيٽر شيري رحمان مخالف ڌر جي ميمبرن کي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ تي بريفنگ ڏني. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

You might also like