مخالف ڌر جو عيد کان پوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ گڏيل حڪمت عملي بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مخالف ڌر پارٽين حڪومت خلاف گڏيل حڪمت عملي بڻائڻ جي لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سمورين مخالف ڌر پارٽين کي افطار ڊنر جي دعوت ڏني وئي.

زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيل افطار ڊنر ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف)، عوامي نيشنل پارٽي، مسلم ليگ ن، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي ايم اڳواڻ شريڪ ٿيا.

مسلم ليگ ن جو وفد شاهد خاقان عباسي جي قيادت ۾ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ موجود آهي، ٻين اڳواڻن ۾ مريم نواز حمزه شهباز، مريم اورنگزيب ۽ اياز صادق شامل هئا.

جماعت اسلامي جو وفد لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ افطار ڊنر ۾ شامل ٿيو جڏهن ته اي اين پي جو ايمل ولي خان، زاهد خان ۽ ميان افتخار حسين به افطار ڊنر ۾ شريڪ ٿيا.

ان کان سواءِ آَفتاب احمد شير پائو، حاصل بزنجو، جهانزيب جمالديني، محسن داوڙ ۽ علي وزير به افطار ڊنر ۾ شرڪت جي لاءِ زرداري هائوس ۾ موجود آهن.

جمعيت علماءِ اسلا (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان افطار کان پوءِ ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

پ پ پڌرائي موجب مخالف ڌر جي ويهڪ ۾ ملڪ جي نازڪ معاشي صورتحال، مهانگائي ۽ عوام جي ڏکيائين جي حل ۾ حڪومتي عدم دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب مخالف ڌر پارٽين گيس ۽ پيٽرل جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪيو، مخالف ڌر نيب ڪارروائين تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي انتقامي ڪارروائيون قرار ڏنو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ مستقبل ۾ مخالف ڌر جي گڏيل حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب مخالف ڌر پارٽين جي اجلاس ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ عوامي نيشنل پارٽي عيد الفطر کان فوري پوءِ مخالف احتجاجي تحريڪ جي به تجويز ڏني.

ذريعن ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته توهان پهرين ئي گهڻي دير جو شڪار ٿي چڪا آهيو ۽ ڪهڙي شئي جو انتظار ڪري رهيا آهيو؟  عوام مخالف ڌر ڏانهن ڏسي رهيو آهي.

مخالف ڌر جي گڏيل اجلاس کان پوءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي، جي يو آءِ (ف) جي مولانا فضل الرحمان سميت ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هر سياسي جماعت جو پنهنجو نظريو ۽ منشور آهي، ڪا هڪ سياسي پارٽي پاڪستان جي مسئلن جو حل نٿي ڪڍي سگهي.

هن چيو ته اجلاس ۾ سياسي، معاشي، جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، اسان هڪ ٻه شيون طئي ڪيون آهن جنهن مان هڪ اِها آهي ته اهڙين ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ڇو ته انهن ملاقاتن سان بهترين پاليسيز بڻائي سگهن ٿيون ۽ ملڪ جي عوام جي مسئلن جو حل ڪڍي سگهنداسين.

هن چيو ته عيد کان پوءِ پارليمان جي اندر ۽ ٻاهر احتجاج ٿيندو ۽ عيد کان پوءِ مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي.

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو پريس ڪانفرنس ۾ چوڻ هو ته نااهل حڪمران جيڪي عوام جا نمائندا ناهن، انهن جي اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ اهڙي گهري سمنڊ ۾ هليو ويو آهي جنهن کي سنڀالڻ ملڪ جي سمورن اڳواڻن جو فرض آهي.

هن چيو ته عيد الفطر کان پوءِ سموريون سياسي پارٽيون ميدان ۾ اچڻ جي لاءِ پرعزم آهن، گڏيل حڪمت عملي جي لاءِ اي پي سي ٿيندي، جلد ئي تاريخن جو فيصلو ڪيو ويندو جنهن ۾ ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون شريڪ ٿينديون.

پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو ته هن اجلاس ۾ اتفاق راءِ آهي ته حڪومت ملڪ هلائڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ داءَ تي لڳي چڪو آهي ۽ معيشت جي تباهي ابتدا آهي،  ڪا ڳالهه ان نالي ماتر احتساب جي ناهي ڪئي ۽ هي احتساب جي نالي تي مخالف ڌر کان انتقام وٺڻ جي ڪوشش آهي.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته ڪنهن به طبقي کان پڇو هو چوندو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عيد کان پوءِ اي پي سي ۾ گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته انهن ماڻهن عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، هي ماڻهو ئي قوم کي قرضي ڪندڙ آهن.

هن چيو ته عوام انهن ماڻهن جون چالون سمجهي ٿوم پاڪستاني عوامي عمران خان ۽ حڪومت سان گڏ آهي.

ان معاملي تي روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر جو چوڻ آهي ته ن ليگ شريفن جي ذاتي ملڪيت تائين محدود ٿي وئي آهي.

حماد اظهر وڌيڪ چيو ته شريف خاندان ۾ ميرٽ جو تصور ئي موجود ناهي، حمزه شهباز جي 20 سالن جي سياسي جدوجهد ضايع ٿي وئي، مريم نواز حمزه کي سائيڊ لائن ڪري ڇڏيو.

You might also like