وزير اعظم قوم کي خطاب ڪندو ۽ اعتماد ۾ وٺندو….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وزير اعظم عمران خان 18 آگسٽ تي قوم کي خطاب ڪندو ۽ هن کي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي اعتماد ۾ وٺندو.

وزير اعظم آفيس سمورين وزارتن ۽ ذويزنن کان هڪ سال جي دوران حاصل ٿيندڙ 5 وڏين ڪاميابين جي رپورٽ 9 آگسٽ تائين طلب ڪري ورتي آهي.

وزير اعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزير اعظم عمران خان سمورين وزارتن جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو.

وفاقي حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ باضابطا طور تي جاري به ڪئي ويندي، جڏهن ته حڪومت جي هڪ مڪمل ٿيڻ تي مختلف تقريبون به ٿينديون.

صوبائي حڪومت کان به چيو ويو آهي ته هو پنهنجي هڪ سالن جي ڪارڪردگي جي تفصيلي رپورٽ جاري ڪري.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم عمران خان حڪومت جو هڪ سال مڪم ٿيڻ تي 18 آگسٽ تي قوم کي خطاب ڪندو ۽ هڪ سال  جي ڪارڪردگي بابت قوم کي آگاهه ڪندو.

You might also like