سريلنڪا ۾ مسلمانن تي حملا، هڪ شهيد، ڪيترائي زخمي

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ۾ مسلمانن خلاف پرتشدد ڪاررواين ۾ هڪ مسلمان جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب مسلمان دڪاندار جي هڪ فيسبڪ پوسٽ کان شروع ٿيندڙ فسادن ۾ هڪ مسلمان شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن، سوين مسلمان ٿاڻن ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي،  مسجدن مسلمانن جي ملڪيتن ۽ ڪاروبار کي وڏو نقصان پهتو آهي. ملڪ جي ڪيئي حصن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.

پوليس 45 ورهين جي مسلمان دڪاندار کي ڇرين جا واري ڪري قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ سنهائي ٻڌمت ڪميونٽي جي پيروڪار ويرا سنگهي ۽ ڪرپشن خلاف جدوجهد ڪندڙ پاڻمرادو ليڊر نمل ڪمارا شامل آهن جڏهن ته ٻين 13 ڄڻن کي ڀڃ ڊاهه ۽  هنگامي تي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سريلنڪن حڪومت جي مسلمان وزير رئو حڪيم مسلم شخص جي شهادت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مڇريل ماڻهن هڪ مسلمان شخص کي اتر اولهندي علائقي ۾ بي رحماڻو تشدد ڪري شهيد ڪيو. حملا مسيحي ڪميونٽي ۽ سريلنڪا جي اڪثريتي سنهالي برداري طرفان ڪيا ويا آهن.

گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ٿيندڙ بدامنيءَ بعد سريلنڪا جي اتر اولهندي علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪندي افواهن جي روڪٿام لاءِ سوشل ميڊيا جهڙوڪ وائبر، سنيپ چيٽ، ايمو، يوٽيوب ۽ انسٽاگرام سروسز عارضي طور تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.

You might also like