سدا جوان رهڻ جو نسخو..!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اهي عورتون جيڪي سدائين خوبصور ۽ جوان رهڻ چاهين ٿيون، انهن جي لاءِ زيتون جو تيل هلي يا پاڻ زيتون، ٻئي مزيدار آهن.

جيڪڏهن گھر جو رڌ پچاءُ زيتون جي تيل ۾ ڪيو وڃي ته نه رڳو اهو رت جي رواني جاري رکندو پر جسم جي مَڙڻي رڳن کي به صاف رکندو آهي، ان سان گڏوگڏ زيتون جو تيل چمڙيءَ جي خوبصورتيءَ ۾ واڌ ڪندو آهي.

يونان ۾ عورتون زيتون جي تيل سان وهنجنديون هيون، اهي عورتون ان کي هڪ صابڻ طور به اسعتمال ڪنديون هيون، پر اولهه ۾ بيوٽي پروڊڪٽس ۾ زيتون جي تيل جو استعمال گھڻو ڪيو ويندو آهي، جھڙوڪ لپ بام، شيمپو، مٿي جو تيل، هٿن جو لوشن، صابڻ، نيل پالش، مساج آئل، خشڪيءَ کان بچاءَ واريون شين وغيره.

زيتون جي تيل ۾ اهڙي ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي ڪري زيتون جو تيل چمڙيءَ جي لاءِ بهترين تصور ڪيو ويندو آهي. اهو ان جو ماليڪيول بناوٽ آهي جنهن جي ڪري چمڙيءَ جا سنها سنها سوراخ به بند ناهن ٿيندا. هيءُ واحد سبزين جو تيل آهي جيڪو اوهان جي چمڙيءَ کي ساهه کڻڻ جي آزادي ڏيندو آهي.

اهي عورتون جيڪي پنهنجي چمڙي سدائين جوان رکڻ چاهين ٿيون اُهي زيتون جو تيل ميٽَ سان مِلائي ماسڪ استعمال ڪن، ان کي چهري تي پنج منٽ جي لاءِ سُڪڻ ڏيو، جلد ئي ان جا معجزاتي نتيجا توهان جي سامهون هوندا. جيڪڏهن توهان جا ننهن ڪٽيل، ڦاٽل ۽ خشڪ آهن ته انهن کي به زيتون جو تيل ٺيڪ ڪندو.

زيتون جي تيل ۾ پنهنجي ننهن کي ٽِن منٽن تائين ٻوڙي رکو، ان کان پوءِ اوهان کي حيرت ڏياريندڙ بدلاءُ محسوس ٿيندو. رات جو سمهڻ کان پهريان جسم تي ٿورڙو زيتون جو تيل لڳايو ۽ ڪپهه سان صاف ڪيو. صبح جو اوهان ڏسندؤ ته اوهان جي چمڙي ڪيتري نرم ۽ مُلائم هوندي. زيتون جو تيل چپن تي روزانو هڻڻ سان اوهان جا چپ نرم ۽ خوبصورت بڻجي ويندا.

You might also like