رپورٽ: نوشھرو فيروز: قلم ڌڻين پاران علي شير راڄپر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي

 

نوشھرو فيروز ۾ قلم ڌڻين طرفان علي شير راڄپر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي گهنو خان، زاهد راڄپر، مظهر خاصخيلي، خادم حسين سيال، فقير ميهر علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شھيد صحافي علي شير راڄپر جا قاتل ٽائون چيئرمين شڪيل راڄپر ۽ غلام علي راڄپر ٻارنھن ڏينھن ۾ گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

هنن چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، جنهن ڪري وارثن ۽ قلم ڌڻين ۾ بي چيني پکڙيل آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور شھيد صحافي علي شير راڄپر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………..

 

 

You might also like