فزڪس جو نوبل انعام ٻن سوئس ۽ هڪ ڪينيڊين آمريڪي سائسندان جي نانءُ

 

اسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ) هن سال فزڪس جي نوبل انعام جو حقدار ٽن سائسندانن کي گڏيل طور قرار ڏنو ويو آهي.

فزڪس جو نوبل انعام حاصل ڪندڙن ۾ هڪ ڪينيڊين آمريڪي طبيعيات ماهر آهي، جنهن جو نالو جيمز پيبلز آهي، جڏهن ته باقي ٻن سائسندانن جو واسطو سوئٽزرلينڊ سان آهي.

اعزاز ماڻيندڙ سوئس سائسندانن ۾ مشيل ميئر ۽ ڊيڊيئر ڪلوز شامل آهن.

ڄاڻايل ماهرن کي اهو انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪائنات کي سمجهڻ ۾ سندن اهم ڪردار ۽ زمين جي شمسي نظام کان ٻاهر هڪ سياري جي دريافت سبب ڪيو ويو.

ٽنهي ماهرن لاءِ ان انعام جو اعلان اڄ اڱاري ڏينهن اسٽاڪ هوم ۾ رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائسنسز ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.