اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس، ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي لاڳو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ، اجلاس ۾ ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪئي  وئي.

ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي ملڪ جي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي هڻي ڇڏي، ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي اٽي جي قيمت ۾ واڌ سبب هنئي وئي آهي، اجلاس ۾ ماني ۽ نان جي قيمت ۾ واڌ جي روڪٿام لاءِ  به قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ سال 20-2019ع لاءِ تمباڪو جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت جو تعين به ڪيو ويو .

اجلاس ۾ بوئنگ جهازن جي آءِ ايف سي سسٽم لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن ( پي آءِ اي ) جي سمري به منظور ڪئي وئي، پي آءِ اي کي دستياب وسيلن مان 70 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ شماريات لاءِ قيمتن جو تعين ۾ ويهه ايئر 16-2015ع مقرر ڪرڻ جي به منظور ڏني وئي، اقتصادي رابطا ڪميٽي کي ملڪ ۾ مهانگائي تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي علائقي هنگو جي مختلف ڳوٺن ۾ گئس جي فراهمي جي سمري تي به غور ڪيو ويو جڏهن ته يوريا جي ٻوري جي قيمت جو تعين به ڪيو ويو .

You might also like