سڄي ملڪ ۾ اين جي اوز جي رجسٽريشن رد

 

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي شرطن کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ هزار 252 اين جي اوز جي رجسٽريش رد ڪئي وئي آهي.

ايف اي ٽي ايف جي شرطن ۽ وفاقي گهرو وزارت جي هدايت تي 1252 اين جي اوز جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي آهي، اهي حڪم انڊسٽريز کاتي جاري ڪيا ۽ ان جو باضابطا طور نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

انڊسٽريز کاتي جي ذريعن موجب اين جي اوز رد ڪرڻ جو فيصلو ايف اي ٽي ايف جي شرطن جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي، اين جي اوز بنا رجسٽريشن ۽ تجديد جي مختلف ڪمن ۾ مصروف هيون، اين جي اوز کي 15 جولاءِ تائين تجديد ۽ مالي معاملن بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي پر سموريون اين جي اوز هدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون.

انڊسٽريز کاتي اين جي اوز جي رجسٽريشن رد ڪري گهرو وزارت کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like