رپورٽ:نئون ديرو: ايڇ آءِ وي ايڊز جي چڪاس لاءِ بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ

عوامي آواز رپورٽ
نئون ديرو: ايڇ آءِ وي ايڊز جي چڪاس لاءِ بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ
عوامي آواز رپورٽ نئون ديرو: ايڇ آءِ وي ايڊز جي چڪاس لاءِ بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ

*نئون ديريرو  ۽   ڀرپاسي جي علائقن جي ماڻهن جي ايڇ آءِ وي ايڊز جي چڪاس لاءِ اسپتال ۾ مفت بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ لڳائي وئي آهي.

ڪيمپ تي ايندڙ ماڻهن جي مفت بلڊ اسڪريننگ ذريعي ايڇ آءِ وي وائرس ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي.

 نئون ديرو اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ تي پ پ سٽي نئون ديرو جي اڳواڻن سيد ارشد راشدي، انور ٻرڙو، دليپ ڪمار، صحافي رحمت موريو، سليم رضا سولنگي ۽ ٻين شروعاتي ٽيسٽ ڪرائي جنهن بعد اسپتال ۾ علاج لاءِ پهتل سوين مريض عورتون پڻ ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ پهچي ويون .

هن وقت تائين نئون ديرو اسپتال ۾ لڳايل ايڇ آءِ وي بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ تي ڪو به ايڇ آءِ وي پازيٽو ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي جڏهن ته بلڊ اسڪريننگ جو عمل جاري هو……

You might also like