مريم اورنگزيب نئين ايمنسٽي اسڪيم  تي تنقيد جو مينهن وسائي ڇڏيو….

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو آهي ته نئين ايمنسٽي اسڪيم ذريعي عليمه باجي کي سلائي مشينن ۽ جهانگير ترين کي مالي ۽ بورچين ذريعي ڪمائي غير قانوني ملڪيت قانوني بڻائڻ جو هڪ ٻيو شاندار موقعو فراهم ڪيو ويو آهي.

پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران صاحب ”حلال“ ايمنسٽي اسڪيم آندي آهي ته جيئن عليمه باجي ۽ جهانگير ترين پنهنجي غير قانوني ملڪيت هڪ ڀيرو وري حلال ڪري سگھن، مسلم ليگ طرفان آندل ايمنسٽي اسڪيم ۾ عوامي نمائيندا ۽ سندن زالون، ٻار، ڀينرون، ڀائر فائدو نه وٺي سگھندا هئا پر پي ٽي آءِ جي ”حلال اسڪيم“ مان اها شق ڪڍي وئي ۽ هاڻي عوامي نمائندن جون زالون، ٻار، ڀينرون، ڀائر به فائدو وٺي سگھندا ته جيئن باجي هڪ ڀيرو وري فائدو وٺي سگھي.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران صاحب جي ايمنسٽي سان هاڻي سڀني کان گھڻو هو ۽ هن جي سڃي ۽ کٻي پاسي ويٺل چور فائدو وٺندا. عمران صاحب پارليامينٽ کان ايمنسٽي اسڪيم جا تفصيل لڪايا ته جيئن هو پنهنجي غير قانوني ۽ بي نامي ملڪيت قانوني ڪرائي سگھي، عمران صاحب ايمنستي اسڪيم عليمه باجي، جهانگير ترين ۽ پنهنجن دوستن ۽ وزيرن جي سهولت لاءِ آندي آهي.

You might also like