نواز شريف جي سزا ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي مليل سزا ختم ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.  مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ تي هڪ بيان ۾ چيو ته ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جيڪي حقيقتون عوام سامهون آنديون اهي درست آهن. هن چيو ته نواز شريف خلاف فيصلي جي قانوني حيثيت پاڻمرادو ختم ٿي ويو آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.