نواز شريف مسلم ليگ ن کي حڪومت خلاف عيد کانپوءِ احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف مسلم ليگ ن کي حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. مسلم ليگ ن اڳواڻن جي نواز شريف سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب نواز شريف مسلم ليگ ن اڳواڻن کي حڪومت خلاف احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. مسلم ليگ ن ڊالر جي اگهه ۽ مهانگائي خلاف تحريڪ جي شروعات ڪندي.  ذريعن موجب مسلم ليگ ن حڪومت خلاف تحريڪ جي شروعات عيد کانپوءِ ڪندي. نواز شريف قيادت کي احتجاجي حڪمت عملي لاءِ اجلاس طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. احتجاج ڪهڙي نوعيت جو هوندو ايندڙ ملاقات ۾ نواز شريف کي بريفنگ ڏني ويندي.  نواز شريف شاهد خاقان عباسي کي حڪومت خلاف حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، شاهد خاقان عباسي مرڪز ۽ صوبن ۾ پارٽي گڏجاڻيون طلب ڪندو. ان موقعي تي نواز شريف چيو ته مسلم ليگ ن هاڻي مهانگائي تي خاموش نه ويهندي، حڪومت عوام سان جيڪو رويو اختيار ڪيو اهو قبول ناهي، اخبارن ۾ مهانگائي ۽ ڊالرن جي اڏام جو پڙهي  پريشان آهيان.  هن چيو ته ايمنسٽي اسڪيم تي تنقيد ڪندڙ ڪهڙي منهن سان پنهنجي اسڪيم آڻي رهيا آهن، حڪومت جي عوام کي رليف ڏيڻ جي نيت ئي ناهي.