رپورٽ: نوابشاهه: شهر جي گهٽين ۾ وڄندڙ سُرندو ماڻهن جو من موهي وجھي ٿو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: نوابشاهه: شهر جي گهٽين ۾ وڄندڙ سُرندو ماڻهن جو من موهي وجھي ٿو
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: نوابشاهه: شهر جي گهٽين ۾ وڄندڙ سُرندو ماڻهن جو من موهي وجھي ٿو

سنڌ جو مڱڻهار قبيلو خوشي جو علامت سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي مختلف نوعيت جا ساز وڄائي ماڻهن جو مَن موُهي وجهن ٿا.

سنڌ ۾ ساز ۽ آواز جو سنگم گهڻو پراڻو آهي، جڏهن ته سُرندي جو مڌُر آواز هر ڪهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ماڻهن کي راحت بخشي ٿو.

سُرندو اُهو ساز آهي، جنهن ساز جي مڌر آواز تي سنڌ جي بادشاهه راءِ ڏياچ سِر جي سين ھڻڻ تي منگتي کي پنهنجو سِر ڏئي ڇڏيو هو.

نوشهرو فيروز واسي احسان علي مڱڻهار کي سندس ڪٽنب وٽان ورثي ۾ مليل سُرندي سان لنئون لڳل آهي، جيڪو عمر جي پڇاڙڪي حصي ۾ به تارن کي ڇيڙي مٺا سرُ شهر جي گهٽين ۾ گونجائي ٿو.

احسان فقير سرندي جي وڄت کي ويتر خوبصورت بڻائڻ لاءِ 200 سال پراڻي ساز ۾ سنهڙيون تارون جوڙي آواز کي مٺو ۽ مَن موهڻو بڻايو آهي، جنهن ڪري ٻُڌندڙ ٻڌندا ئي رهجي وڃن ٿا.

احسان فقير سندس ماسات منظور علي مڱڻهار سان گڏ نواب شاهه جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سُرندي جا ساز ڇيڙي بازارن ۾ دڪاندار وٽ داد وصول ڪري ٿو.

پيرسن احسان فقير ٻڌائي ٿو ته هو مختلف شهرن ۾ ساز ذريعي دان وٺي ٿو جنهن ذريعي روزانو  کيس 5 سئو کان 8 سئو رپيا ملي وڃن ٿا جنهن سان هو گهر جي گذر سفر آساني سان ڪري ٿو……………..

 

You might also like