رپورٽ: نوابشاهه: پي ايم يو اسپتال جي ويم گهر ۾ سهولتن جي کوٽ

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: نوابشاهه: پي ايم يو اسپتال جي ويم گهر ۾ سهولتن جي کوٽ
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: نوابشاهه: پي ايم يو اسپتال جي ويم گهر ۾ سهولتن جي کوٽ

نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال جو ويم گهر سهولتن جي کوٽ سبب بي لاڀ بڻيل آهي.

پي ايم يو اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين طرفان اي سيون خراب هجڻ ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي مريضن کي پريشان ڪيو وڃي ٿو.

متاثر ڳورهاري عورت ۽ وارثن عوامي آواز کي ٻڌايو ته سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن توڙي عملي طرفان کين سهولت ڏيڻ بدران رلايو وڃي ٿو.

هنن چيو ته گائيني وارڊ جي ڊاڪٽرياڻين کي آپريشن لاءِ منٿون ڪيون ٿا، پر انهن اي سي خراب هجڻ جو بهانو بڻائي واپس ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شمس الدين سيال ٻڌايو ته اسپتال ۾ پاڻي جو ڪوبه مسئلو ناهي کيس جارچ ورتي ٻه ڏينهن ٿيا آهن، معاملا بهتر بڻائيندو…………….

 

You might also like