رپورٽ: نوابشاهه: ايس ايڇ او ڪيئن بڻيو قبضا مافيا؟ ڄاڻي اچرج ۾ پئجي ويندو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: نوابشاهه: ايس ايڇ او ڪيئن بڻيو قبضا مافيا؟ ڄاڻي اچرج ۾ پئجي ويندو
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: نوابشاهه: ايس ايڇ او ڪيئن بڻيو قبضا مافيا؟ ڄاڻي اچرج ۾ پئجي ويندو

 

 

نوابشاهه ۾ بااثرن پوليس جي سهڪار سان ڀٽا برادري جي ماڻهن جي زمين تي قبضو ڪري کين بيدخل ڪري ڇڏيو آهي.

بختاور ڪيڊٽ ڪاليج ويجهو قديمي ڳوٺ ۾ ڀٽا برادري جي 38 ايڪڙ زمين تي ايس ايڇ او بهار الدين ڪيريو هٿياربند ويهاري زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو.

ڀٽا برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هنن وٽ انگريز دور جون صنعتون موجود آهن ان باوجود به بااثر ايس ايڇ او سندن زمين تي هٿياربندن جي مدد سان قبضو ڪري ويٺو آهي.

متاثرن چيو ته زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ بهار الدين ڪيريي نبي بخش گولو جي مدد سان ڪنڌڪوٽ ۾ ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن مان عدالت کين آجو ڄاڻايو هو.

ڳوٺاڻن ۽ ڀٽا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته بااثر ايس ايڇ او بهار الدين ڪيريي خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

 

 

You might also like