رپورٽ: نواب شاهه: انتظاميا ساريالو فصل پوکائي ڪندڙ آبادگارن خلاف ڇو ڪئي ڪارروائي؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: نواب شاهه: انتظاميا ساريالو فصل پوکائي ڪندڙ آبادگارن خلاف ڇو ڪئي ڪارروائي؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: نواب شاهه: انتظاميا ساريالو فصل پوکائي ڪندڙ آبادگارن خلاف ڇو ڪئي ڪارروائي؟

نواب شاھ جي ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر پاران ضلعي ۾ سارين جي پوک تي پابندي باوجود ڀڃڪڙي زميندارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي

ڊي سي جي حڪم تي نواب شاھ، سڪرنڊ،دوڙ ۽ قاضي احمد جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن آبپاشي ۽ زراعت کاتي جي عملي جي مدد سان ڪاروايون ڪندي 200 ايڪڙ کان وڌيڪ سارين جي فصل کي ختم ڪرايو ويو

ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران سارين جي پوک تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جنهن جي حوالي سان لائوڊ اسپيڪر ۽ ٻين ذريعن سان اعلان ڪرايا ويا هئا تنهن باوجود ڪجھ آبادگارن پاران پابندي جي خلاف ورزي ڪندي سارين جو فصل پوکيو ويو آهي جنهن جي خلاف ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ اھا ڪاروائي 15 ڏينهن تائين بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندي.

ڊپٽي ڪمشنر آبادگارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سارين جي پوک نه ڪن ۽ جيڪڏهن فصل پوکيو اٿن ته اهو پاڻمرادو ختم ڪن ٻي صورت ۾ انهن خلاف انتظاميان پاران قانوني ڪاروائي سان گڏ فصل کي پڻ ختم ڪيو ويندو……………..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.