رپورٽ: نوابشاهه: ڊي سي ابرار احمد جعفر کي پي ايم يو  اسپتال ۾ مريضن ڪهڙي ڏني دانهن؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: نوابشاهه: ڊي سي ابرار احمد جعفر کي پي ايم يو اسپتال ۾ مريضن ڪهڙي ڏني دانهن؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: نوابشاهه: ڊي سي ابرار احمد جعفر کي پي ايم يو اسپتال ۾ مريضن ڪهڙي ڏني دانهن؟؟

 

ڊپٽي ڪمشنر ۽ چئيرمين ڊسٽرڪٽ هيلٿ ڪميٽي شهيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر پاران ميمبرن سان گڏجي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نواب شاھ جو دورو ڪيو

ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ سيڪريٽري هيلٿ ڪميٽي ڊاڪٽر محمد يوسف زرداري، ايم ايس پي ايم سي ايڇ ڊاڪٽر شمس الدين سيال ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ساڻس گڏ هئا.

ڊپٽي ڪمشنر اسپتال جي دوري دوران آئي سي يو،ٻارن جي وارڊ، ميڊيڪل، گائني، ايمرجنسي وارڊ، ليبارٽري سميت ٻين مختلف شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ داخل مريضن جي عيادت ڪندي صحت جي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي

ان موقعي تي داخل مريضن جي وارثن ڊپٽي ڪمشنر سان شڪايت ڪندي چيو ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ سميت صفائي جا اڻپورا انتظام آهن، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر اسپتال انتظاميان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايم ايس کي هدايت ڪئي ته دوائن جي خريداري جي لسٽ ضرورت مطابق تيار ڪري هيڊآفيس موڪلي وڃي ۽ اسپتال ۾ صفائي جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي…………………