ناسا زحل جي چنڊ لاءِ نئين مشن جو اعلان ڪري ڇڏيو

پيساڊينا (ويب ڊيسڪ) اوهان کي ياد هوندو ته ڪجهه مهينا اڳ خبر پئي هئي ته زحل سياري (سيٽرن) جي هڪ مشهور چنڊ اينسليڊيئس  جي برفيلي سطح جي هيٺان اهڙا مرڪب موجود آهن جن ۾ ڪاربن آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته ڪاربن وارا ماليڪيول ڪنهن به جاءِ تي زندگي جي خبر ڏئي سگھن ٿا پر ماهرن جو خيال آهي ته ٽائٽن تي به زندگي جو پتو ڏيندڙ ماليڪيولز موجود ٿي سگھن ٿا ۽ ان ڪري ناسا ان مشن لاءِ ٽائٽن جي چونڊ ڪئي آهي.

ايٽمي توانائي سان هلندڙ هڪ روبوٽ ميدان تي نه هلندو پر  پنهنجن پکن جي مدد سان ٽائٽن جي هوا ۾ اڏامندو ۽ اتي موجود مرڪبن ۽ آثارن کي ڳولهيندو.

 

هڪ ته ٽائٽن زمين کان 1.4 ارب ڪلوميٽر پري آهي ۽ ٻيو اتان جي هوا ۾ ميٿين گيس ڀريل آهي جيڪا اسان چلهو ٻارڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون پر رنڊڪ اها آهي جو ٽائٽن جو پارو ڪاٽو 179 سينٽي گريڊ آهي. اهڙي طرح اهي سڀئي معاملا گڏجي ان خلائي مشن کي ڏکيو بڻائن ٿا پر ناسا جا ماهر ان چيليج کان چڱي نموني واقف آهن.

ناسا ان پروجيڪٽ کي ڊريگن فلائي جو نالو ڏنو آهي. ٽائٽن تي ثقلي قوت زميني قوت جي 0.133 حصي جي برابر آهي ۽ هوا زمين کان چار ڀيرا ڳري آهي. ٽائٽن تي درياهه ۽ سمنڊ موجود آهن جيڪي هائيڊروڪاربنز تي ٻڌل آهن ۽ فرش تي ڊگھا ڊگھا رستا،  شايد نامياتي برف پڻ آهي، ان ڪري ٽائٽن تي ڪنهن گاڏي کي موڪلڻ ڪنهن به طريقي سان فائديمند نه هوندو.

منزل اڃا پري آهي ۽ ڊريگن فلائي کي 2026ع ۾ ٽائٽن طرف  موڪليو ويندو جيڪو 2034ع ۾ اتي لهندو. نيوڪليئر قوت جي ڪري ان جو ريڊيو ٿرمل جنريٽري ڪم ڪندو ۽ خلائي جهاز کي 36 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامندو.

انجينيئرن سموري خلائي جهاز کي بچائڻ لاءِ خاص مٽيريل تيار ڪيو آهي جيڪو ان کي تباهه ڪندڙ ماحول کان بچائيندو. جديد ترين اوزارن ۾ ماس اسپيڪٽرو ميٽر، گيما ري ۽ نيوٽران اسپيڪٽروميٽر لڳل آهن. ان کان علاوه جيوفزڪس جا جديد اوزار به موجود آهن .

ان مشن سان لاڳاپيل ناسا جي ماهر ٿامس زربيوڪيسن چيو ته ٽائٽن هڪ غير معمولي جاءِ آهي ۽ ڊريگن فلائي مشن به هڪ انوکو پروگرام آهي، اهو هڪ پري جي دنيا ۾ نامياتي مرڪبن جي ڳولها جو اهم ڪم ڪندو.