ڪراچي:نيب جو اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپو…..!

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي جيل کاتي بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ڪراچي واري گهر تي نيب اوچتو ڇاپو هنيو، اعجاز جکراڻي گهر ۾ موجود نه هئڻ سبب گرفتار نه ٿي سگهيو جڏهن ته نئب عملدارن گهر جي جهڙتي ورتي، ۽ اهم فائلون ساڻ کڻي وئي.

نيب ذريعن موجب نيب سکر جي ٽيم ريفرنس داخل ٿيڻ بعد جيل کاتي جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ڪراچي واري گهر تي اوچتو ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوران اعجاز جکراڻي گهر ۾ موجود نه هيو جنهن ڪري هو گرفتاري کان بچي ويو.

ذريعن موجب اعجاز جکراڻي مٿان نيب آمدني کان وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ جي شڪايتن تي ريفنس داخل ڪيو.

نيب عملدارن موجب اعجاز جکراڻي مٿان غير قانوني زمينون الاٽ ڪرڻ، ضلعي حڪومتن جي فنڊن ۾گهوٻيون سميٿ ٻين الزامن ۾ گهٽ مان گهٽ  15 ارب روپن جا الزامن آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سردار محمد بخش مهر خلاف نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي

ذريعن موجب اڳوڻي ضلعي چئرمين عباس جکراڻي اعجاز جکراڻي جو فرنٽ مين آهي جنهن پنهنجي دور ۾ جعلي نوڪريون ڏئي ڪروڙين روپيا عوام کان ڦريا، جڏهن ته ان پنهنجي دور ۾ زمينن جي غير قانوني الاتمنٽ ذريعي به ڪروڙين روپيا هڙپ ڪيا.

نئب سکر جي ذريعن موجب صوبائي صلاحڪار جي ڪراچي واري گهر تي ڇاپي هڻڻ جو مقصد اعجاز جکراڻي کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيل فراڊ جو رڪارڊ هٿ ڪرڻ هو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ذريعن موجن نئب گهر تي ڇاپي دوران گهر موجود گهر ڀاتين کي هڪ پاسي ڪرڻ بعد گهر جي الماڙين ۽ سندوڪن جي تلاشي ورتي جتان انهن اهم فائلوڻ ۽ ٻيا ڪاغز هٿ ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي.

ٻئي پاسي صوبائي وزير اعجاز جکراڻي مختلف ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ گهر کان ٻاهر آهيان گهر ۾ صرف منهنجا ٻار موجود آهن.

 هن چيو ته ڇاپي جو اطلاع مليو آهي پر تفصيلات ناهي ملي سگهيا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيب جي ريفرنس ۾ مون عدالت کان ضمانت ڪرائي ڇڏي هئي خبر ناهي ضمانت جي باوجود نيب گهر تي ڇاپو ڇو هنيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.