نيب طرفان آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪابه بدنيتي ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ ۾ نيب جي ڪابه بدنيتي ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي درخواست واري درخواست رد ٿيڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عامر رياض ۽ جسس محسن اختر ڪياني فيصلو جاري ڪيو. ستن صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جا حوالي موجود آهن. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ نيب ڪيسن ۾ ضمانت جو معيار مقرر ڪيو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو گرفتاري کان اڳ ضمانت جي فيصلي تي به لاڳو ٿئي ٿو، اعليٰ عدليه جي فيصلن موجب گرفتاري ۾ بدنيتي هجي ته عبوري ضمانت ڏئي سگهجي ٿي، عبوري ضمانت لاءِ به غير معمولي حالتون هئڻ گهرجن. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته  نيب وڌيڪ جاچ لاءِ آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، حقيقتن موجب نيب جي آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪابه بدنيتي ناهي،  گرفتاري کان اڳ ضمانت جي معيار تي آصف زرداري پورو نه ٿو لهي، نيب چيئرمين جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ بابت اختيار جو سوال نه ٿو ٺهي، نيب چيئرمين ريفرنس فائل ڪرڻ کانپوءِ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري جي ضمانت واري درخواست معيار تي پورو نه لهڻ سبب رد ڪجي ٿي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.