صوبائي وزير امتياز شيخ تي به نيب تلوار لڙڪائي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو وزير امتياز شيخ به نيب جي ريڊار تي اچي ويو آهي ۽ قومي احتساب بيورو سندس خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو آهي.

نيب صوبائي وزير امتياز شيخ خلاف مبينا طور بدعنواني ذريعي ڪورنگي ضلعي ٻهراڙي ۾ 30 ايڪڙن جي ايراضي جي غير قانوني الاٽمينٽ جي انڪوائري جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب الاٽمينٽ اين سي پلاٽ نمبر 24 تي ڪئي وئي، جڏهن ته بورڊ آف روينيو جي اعليٰ آفيسرن جي مدد سان سرڪار کي ڪروڙين رپين جو نقصان رسايو ويو.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته امتياز شيخ خلاف نيب کي درخواست وصول ٿي هئي، جنهن تي نيب طرفان درخواست جي تصديق مڪمل ڪئي وئي آهي.

درخواست گزار موجب امتياز شيخ بورڊ آف روينيو جي آفيسرن سان گڏجي 30 ايڪڙن جي الاٽمينٽ ڪئي.

ذريعن موجب غير قانوني قبضي خلاف 2005 ۾ اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو.

You might also like