نيب فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب چيئرمين گذريل ڏينهن جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي گرفتاري وارنٽن تي صحيح ڪئي هئي جنهن کان پوءِ سندس گرفتاري وارنٽ گذريل ڏينهن جاري ڪيا ويا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب فريال ٽالپر کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو آهي ۽ کيس سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم فريال ٽالپر کي پنهنجي آفيس منتقل ڪندي جتي سندس طبي معائندو ڪرايو ويندو.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ فريال ٽالپور ۽ آصف زرداري جي عبوري ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪئي هئي جنهن کان پوءِ اڳوڻي صدر کي زرداري هائوس مان گرفتار ڪيو ويو هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.