نيب آصف زرداري کي گرفتار ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ نيب جي ٽيم اڳوڻي صدر آصف زرداري کي گرفتار ڪري ورتو.

قومي احتساب بيورو (نيب) جي ٽيم جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي گرفتاري لاءِ پوليس جي وڏي نفري سان گڏ زرداري هائوس اسلام آباد پهتي، جڏهن ته نيب ٽيم جي زرداري هائوس پهچڻ تي آصف زرداري جي وڪيلن نيب جي ٽيم کان عدالت طرفان گرفتاري جا حڪم طلب ڪيا.

زرداري هائوس کي چئني پاسن کان پوليس جي وڏي نفري گهيري ورتو، پوليس زرداري هائوس جي ڀرپاسي وارا رستا سيل ڪري ڇڏيا ۽ مک روڊ پڻ عام اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو.

نيب ذريعن موجب جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ نامزد آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپور کي فوري طور گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آصف زرداري جي پارليامينٽ ميمبر هئڻ سبب نيب کي سندس گرفتاري کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي آگاهه ڪرڻ ضروري هو، جنهن لاءِ نيب جي ٽيم  پارليامينٽ هائوس پهتي، جتي ٽيم اسپيڪر کي آصف زرداري جي وارنٽ بابت آگاهه ڪيو.

ذريعن موجب آصف زرداري قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي گرفتاري ڏيڻ پئي چاهي پر پوءِ هن پنهنجو فيصلو تبديل ڪندي زرداري هائوس ۾ ئي گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

نيب جي 15 رڪني ٽيم مان 6 اهلڪارن کي زرداري هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي، جن آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ۽ کيس نيب آفيس راولپنڊي وٺي روانا ٿي ويا.

نيب اختياريون ايندڙ ڏينهن اڳوڻي صدر کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪنديون، جتي سندس جسماني رمانڊ طلب ڪيو ويندو.

شازيا مري

هوڏانهن پ پ ايم اين اي شازيا مري قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نيب آصف زرداري کي هراسان ڪري رهيو آهي، هڪ کانپوءِ هڪ اپوزيشن ميمبر کي کنيو پيو وڃي، ڇا حڪومتي ميمبرن تي نيب جا ڪيس ناهن؟ پر انهن سان الڳ ورتاءُ ۽ اسان سان الڳ رويو رکيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان ايوان ۾ نٿا ڳالهائي سگهون، ٻاهر ڳالهايون ٿا ته لٺبازي ڪئي وڃي ٿي، هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي؟ اهي اسان کي ٽوڙي رهيا آهن، اسان جو وات بند ڪرائڻ چاهين ٿا.

شهباز شريف

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ۾ شهباز شريف چيو ته آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن پر منهنجي گذارش آهي ته هو نيب ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي ۽ هر سوال جو جواب ڏيندو رهيو آهي، هن دير جو ڪو به حربو استعمال ناهي ڪيو، ڪاش نيب ان ڳالهه کي ساراهي ها ۽ گرفتاري جي نوبت آڻڻ جي ضرورت نه هئي، ڇو ته جڏهن هڪ شخص پاڻ کي قانون سامهون پيش ڪري ٿو ته اهڙي قسم جو قدم کڻڻ جو جواز ناهي.

هن قومي اسيمبلي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي توهان کان سڄي جماعت طرفان ۽ هتي ويٺل مخالف ميمبرن طرفان گذارش آهي ته آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ماضي جي روايت کي برقرار رکيو وڃي، توهان سدائين منهنجا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندا رهيا آهيو ۽ توهان جو ٿورائتو آهيان، توهان جمهوري ۽ پارلياماني روايتن کي جيئرو رکيو، تنهن ڪري آصف زرداري جا به پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو.

قمر زمان ڪائرا

ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ سان اهڙو ورتاءُ ماضي ۾ به ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻ به ٿي رهيو آهي، پوليس ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي جيڪو ظلم آهي.

آصف زرداري جي گرفتاريءَ کانپوءِ ردعمل ڏيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته اڄ پ پ تي وڌيڪ هڪ وار ٿيو، گرفتاريون اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پ پ عدالتن ۾ ڪيس وڙهندي آهي عدالتن سان نه.

سندس چوڻ هو ته نيب گرفتارين سان تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿيو، گرفتاري کان اڳ بلاول ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جو چيو، اسان ڪيسن کان گهٻرائڻ وارا ناهيون.

You might also like