نيب مريم نواز کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ نواز شريف جي ڀاڻيجي يوسف عباس کي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جي لاءِ ڪوٽ لکپت جيل پهتي هئي جتي نيب ٽيم پهريان ئي موجود هئي جنهن  پوءِ جيئن ئي مريم نواز پهتي نيب کيس گرفتار ڪري ورتو.

نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب موريم نواز ۽ يوسف عباس کي چوڌري شگرملز ڪيس ۾گرفتار ڪيو ويو آهي، نيب چيئرمين جي حڪم تي ڊاڪٽرن جي ٽيم مريم نواز ۽ يوسف عباس جو طبي معائنو ڪندي جنهن کان پوءِ ٻنهي کي سڀاڻي لاهور عدالت ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو.

نيب پڌرائي موجب پرڏيهي شيئر هولڊرز طرفان مريم نواخ کي شيئرز جي منتقلي جي تفصيلن تي وضاحت گھري وئي هئي، سڀني شيئرز جي منتقلي 21 مئي 2018 تي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، شيخ زڪاالدين طرفان 20 لک 21 هزار 760 شيئرز مريم نواز جي نالي تي منتقل ڪيا ويا ۽ هاني احمد ڄام طرفان 97 هزار 33 شيئرز مريم نواز کي منتقل ٿيا.

نيب ذريعن موجب نيب مريم نواز کان ان سوال جي وضاحت گھري هئي ته مريم نواز 70 لک شيئرز يوسف عباس کي منتقل ڪيا، اهي شيئرز 20.7.2011 تي يوسف عباس نصير عبدالله کي ٽرانسفر ڪيا ۽ ان کان پوءِ اهي شيئرز حسين نواز کي منتقل ڪيا ويا، نيب مريم نواز کان انهن شيئرز جون رسيدون، رقم جي ادائگي ۽ ايگريمنٽ جا تفصيل به ساڻ آڻڻ جو چيو هو.

نيب ذريعن موجب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مريم نواز 31 جولاءِ تي سوالنامي جا تسلي جوڳا جواب نه ڏنا هئا جنهن کيس ٻيهر سوالنامو موڪليو ويو هو ۽ هن کي اڄ جواب ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو هو پر مريم نواز نيب جي ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.