مٽن برياني

شيون

مٽن: 1 ڪلو

لوڻ: ڏيڍ کائڻ جو چمچو

ڪوڪنگ آئل: اڌ ڪپ

چانور: اڌ ڪلو

ٿوم: ڏيڍ کائڻ جو چمچو

ادرڪ: ڏيڍ کائڻ جو چمچا

بصر: 4 عدد

دهي: 3 ڪپ

پيٺل ڳاڙها مرچ: 3 کائڻ جا چمچا

گرم مصالحو: 2 کائڻ جا چمچا

ٽماٽا: 2 عدد

ليمون: 2 عدد

زيرو: ڏيڍ کائڻ جو چمچا

ڌاڻا:ڏيڍ کائڻ جا چمچا

ڪيوڙو: 1 چوٿائي ڪپ

پٽاٽا: 3 عدد

پيلو رنگ: 1 چوٿائي چانهه جو چمچو

ترڪيب: گرم تيل ۾ بصر، ادرڪ ۽ ٿوم فرائي ڪيو. هاڻ ان ۾ مٽن، ڳاڙها مرچ ۽ هلدي شامل ڪي تيز باهه تي 10 منٽن تائين فرائي ڪيو. ان کان پوءِ 2 ليٽر پاڻي ۽ لوڻ وجهي هلڪي باهه تي ايسيتائين پچايو جيستائين گوشت چڱي طرح ڳري  وڃي. ان کان پوءِ ان ۾ زيرو، ڌاڻا ۽ دهي شامل ڪري تيز باهه تي پچايو ايسيتائين جيستائين پاڻي خشڪ ٿي وڃي. پٽاٽن کي الڳ ٿانو ۾ اٻاريو ۽ زردي جو رنگ وجهي قورمي ۾ شامل ڪيو. پيٺل گرم مصالحو، ٽماٽا، ليمون ۽ ڪيوڙو وجهي چلهو بند ڪري ڇڏيو. پسيل چانورن لوڻ مليل ۾ اوٻاريو، اوٻارڻ کان پوءِ ان کي چاڻي چانورن ۾ قورمي کي شامل ڪيو ۽ ان جي مٿان زردي جو رنگ وجهي تيز باهه تي رکيو ڇڏيو. ٻاف ٺهڻ تي هلڪي باهه تي 15 منٽن تائين دم تي رکي ڇڏيو. اوهان جي مٽن برياني تيار.

You might also like