مٽن افغاني بوٽي ڪباب

شيون:

 ٻاڪرو  گوشت

ادرڪ پيٺل هڪ چمچو

ٿوم پيٺل هڪ چمچو

لوڻ ضرورت موجب

ڪارا مرچ ضرورت موجب

ڪچو پپيتو هڪ چمچو

ليمي جو رس 25 گرام

گرم مصالو هڪ چمچو

گيهه 20 گرام

چرٻي ٻه سو 25 گرام

پچائڻ جو طريقو: گوشت جون ننڍيون ننڍيون ٻُوٽيون ڪري ان ۾ سڀ مصالا وجهي ان کي سٺي طرح مڪس ڪري ڇهن ڪلاڪن جي لاءِ ان کي فرج ۾ رکي ڇڏيو، چرٻي جون به ننڍيون ننڍيو ٽڪرا ڪري مصالحي ۾ ملائي ڇڏيو، ڪوئلا ٻاري ٻه ٻوٽيون گوشت جون ۽ هڪ ٻوٽي چرٻي جي سيخ تي ٽوپي باهه تي پچايو يا وري اوون ۾پڇايو. تيار ٿي وڃي ته مرچ ۽ ڌاڻن جي چٽڻي سان مهمانن يا گھر وارن کي پيش ڪريو.

You might also like