ايم ڪيو ايم جو باني آزاد….

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي باني کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب اسڪاٽ لينڊ يارڊ ايم ڪيو ايم جي باني کان گذريل رات برطانوي وقت موجب رات 10 کان 12 تائين جاچ ڪئي ۽ هن کان مختلف سوال ڪيا پر ايم ڪيو ايم باني لنڊن پوليس کي سوالن جا جواب نه ڏنا.

ايم ڪيو ايم باني پوليس کي رڳو پنهنجو نالو، تاريخ پيدائش ۽ گهر جي پتي جي تصديق ڪئي جڏهن ته جاچ دوران متحده باني جا وڪيل به ساڻس گڏ هئا.

سان کان سواءِ پوليس ايم ڪيو ايم باني جي گهر ۽ ايم ڪيو ايم جي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي تلاشي مڪمل ڪري ورتي آهي جتان متحده باني جي تقريرن بابت مواد قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي لنڊن پوليس متحده باني کي وڌيڪ 12 ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ جي درخواست ڏني آهي.

You might also like