سنڌ خلاف هڪ لفظ برداشت نه ڪنداسين: وڏو وزير

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهندس، سنڌ ڌرتي تي ڪو به ظالم ڪڏهن به نٿو رهي سگهي، سنڌ صوفين ۽ پيار ڪرڻ وارن جي ڌرتي آهي، جنهن ڌرتي تي ويٺا آھيو ان جي خير جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ ڪو به برو ماڻھو نٿو رهي سگهي، ان کي هتان نڪرڻو پوندو.

سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير وڏي وزير چيو ته سڀني کي بجيٽ تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي، 46 ڪلاڪ بحث ٿيو ان مان 21 ڪلاڪ سرڪاري ڌر ۽ 25 ڪلاڪ مخالف ڌر جي ميمبرن ڳالهايو، قومي اسيمبلي ۾ 40 ڪلاڪ بحث جو طئي ڪيو ويو آھي، پي ٽي آءِ جي 156 ميمبرن کي 18 ڪلاڪ 14 منٽ 40 سيڪنڊ، پي ايم ايل ن جي 84 ميمبرن کي 9 ڪلاڪ 49 منٽ 20 سيڪنڊ ۽ پ پ جي 54 ميمبرن کي 6 ڪلاڪ 57 منٽ جو ٽائيم ڏنو ويو، سنڌ اسيمبلي سڄي ملڪ ۾ واحد اسيمبلي آھي، جتي ميمبرن کي بجيٽ تي ڳالهائڻ جو سڀ کان وڌيڪ ٽائيم مليو آھي.

هن چيو ته وفاق اسان کي 665 ارب رپيا ڏيڻا ڪيا، وفاق وري خط لکي ٻڌايو ته هن سال 666.7 ارب رپيا موڪليا ويندا، اسان وڏا خوش ٿياسين، چئن ڏينهن کانپوءِ 34 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪري 632 ارب رپيا ڏيڻ جو چيو ويو، هڪ ڏينهن کانپوءِ هڪ ارب رپيا وڌيڪ گهٽ ڪري 631 رپين جو انگ ٻڌايو ويو، ھتي چيو ويو ته مان ڪوڙ ڳالهايان ٿو پر هنن ٽي ڀيرا انگ تبديل ڪيا ويا، هن وقت تائين 140 ارب رپيا مليا آھن، جون تائين 126 ارب رپيا ملڻا آھن، ايندڙ سال 200 ارب رپيا وڌيڪ ڏيڻ جو آسرو ڏنو ويو آھي، اميد آهي ته وفاق طرفان خاطري ڪرايل رقم ڏني ويندي پر اهو لڳي نه ٿو، وفاق کان پئسا گهٽ ملڻ ۽ مالي پوزيشن کي نظر ۾ رکندي ايم پي ايز جي پگهار ۾ اضافو روڪي رکيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اين آءِ سي وي ڊي ڀلي اسان کان وٺو پر جيڪا اسان رقم خرچ ڪئي آھي اها واپس ڪيو، وفاقي حڪومت ھڪ رپيو به ناهي رکيو وري به اسان رقم رکي آھي، دوائن جي خريداري لاءِ پئسا وڌائي 10 ارب 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آھن.

مراد علي شاهه چيو ته ايوان ۾ منهنجي خلاف ڀلي ڳالهايو پر سنڌ ڌرتي خلاف ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪنداسين، ايوان ۾ اهڙيون تقريرون ڪري تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جا ماڻهو وڏا ظالم آهن، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ اسان سڀني کي دلين ۾ جڳهه ڏني، پنهنجي سرزمين تي پيار ۽ محبت ڏيڻ وارا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.