سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ۽ مراد علي شاهه جي دعا…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي  حڪومت ٽيڪس وصوي تي ڪم ته ڪري رهي آهي  دعا ٿو ڪيان ته وفاق پنهنجي هدفن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري جيئن صوبي کي 126 ارب رپين جا وڌيڪ فنڊ ملي سگهن.

تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ ٽن ڏينهن تائين هڪ ميمبر به تقرير نه ڪري سگهيو پر اسان سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي قسم جو مثال نٿا بڻائڻ چاهيون.

سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ٽيڪس وصولي تي ڪم ڪري رهي آهي پر اسان کي 139 مان رڳو 13 ارب رپيا  مليا، اڃان به 126 ارب رپيا وڌيڪ ملڻا آهن، دعا ٿا ڪيون ته وفاق پنهنجا ٽارگيٽ پورا ڪري، وفاق پيسا پورا نٿي ڏئي ته قسمن ۾ ڏئي.

مراد علي شاهه مخالف ڌر جي پارٽين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مخالف ڌر بجيٽ سيشن جي دوران منهنجو نالو تبديل ڪيو، ان عمل تي ڏاڍو افسوس ٿيو ڇو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي ها ميمبرن به پنهنجي صوبي کي بدنام نه ڪن.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ۾ هن وقت تائين 42 ميمبر بجيٽ تي بحث ڪري چڪا آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ ائين نٿو ٿي سگي ۽ ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوجود به ڪنهن جي تقرير مڪمل ناهي ٿي سگهي، اسان سڀني کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏينداسين ۽ انشاءَ الله 5 ڏينهن ۾ بجيٽ تي بحث مڪمل ڪنداسين.

مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم هلي رهي آهي، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ پوليو مهم هلائڻ ۾ ڏکيائيون اچي رهيو آهن. هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن کان پوليو مهم ڪامياب بڻائڻ لاءِ اسيمبلي ميمبرن کان مدد گهري.

You might also like