بلدياتي نظام مان عوام کي لاڀ حاصل نه ٿيو

اعجاز چانڊيو

2105ع ۾ جڏهن بلدياتي اليڪشن پئي ٿي، ٻين جيان اسان به پئي خوشي محسوس ڪئي ته هاڻي اسان جي انهن ڳوٺن جيڪي بي پهچ ماڻهن آهن، انهن جي ڪا واهر ٿيندي، چونڊيل نمائندو مقامي هوندو، تنهن ڪري ان تائين رسائي جلد ٿي ويندي، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ته اليڪشن کان پوءِ ملن ئي نٿا، پر چونڊجي ايندڙ نمائندو ته تر جو هوندو، سو پيو مسڪين ماڻهن جي وسندين ۽ ڳوٺن جي واهر ڪندو، اهڙي آس رکي بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجن گهرڀاتين سميت وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏياري ۽ ڏئي اهڙن مقامي ماڻهن کي يوسين ۽ يونٽن تي چونڊرايو، جن جي ساک سٺي هئي ۽ سمجهيوسين پئي ته اهي عوام جو ڀرجهلو ٿيندا، ماهوار به انهن کي ئي بجيٽ سڌي ريت ملندي ۽ هو علائقن جي خدمت ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا، اليڪشن کانپوءِ هڪ سال تائين اهو ٻڌندا رهياسين ته بلدياتي نظام ذريعي چونڊيل نمائندن کي اختيار ئي ناهن ۽ نه ئي کين بجيٽ ٿي ملي جو هو عوام جي خدمت ڪري سگهن، خيرن سان هڪ سال ٿيو پورو ۽ صوبائي حڪومت کي آيو خيال، مقامي چونڊيل نمائندن کي فنڊ جاري ڪيا ويا، پهريان 2 لک ۽ بعد ۾ 5 لک روپيا ماهوار يوسي جي بجيٽ جاري ڪئي وئي، ٽائونن ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ جاري ٿي، اهڙي خبر بعد عوام خوش ٿيو ۽ سمجهيو ته هاڻ سندن چونڊيل مقامي نمائندن کي بجيٽ به جاري ٿي آهي ۽ کين اها بجيٽ عوام تي خرچ ڪرڻ وارا ختيار به ملي ويا آهن، هاڻي ڪو ٿيندا عوام جا ڪم ۽ ڪندا سندن علائقا ترقي.

بلدياتي

وقت گذرندو ويو ۽ عوام جي اميدن تي پاڻي ڦرندو ويو، جيئن ئي بلدياتي نظام ذريعي چونڊيل نمائندن جي اڪائونٽن جا منهن کليا ته انهن چونڊيل نمائندن جيڪي ڏينهن رات عوام جي خدمت جي جذبي ۾ ڊاڙون هڻندي ٿڪبا ئي نه هئا ۽ کين ننڊ ئي نه ايندي هئي، انهن جا خيالات ويا بدلبا، سندن اندر ۾ لالچ جنم ورتو ۽ عوام ويو ڀاڙ ۾ وارو جذبو سندن اندر ۾ جاڳي پيو، 4 سال گذري ويا، عوام کي ته ڪجهه نه مليو، پر اهي بکيا چونڊيل چيئرمين ڏسندي ئي ڏسندي لک پتي بڻجي ويا، سندن ڳالهيون ۽ گاڏيون مٽجي ويون، ملڪيتون ٺهندي ڏٺيون ويون سين، سندن اهڙي رويي ڪري هڪ دفعو ٻيهر عوام مايوس ٿيندو ويو، ايتريون ڊاڙون هڻندڙ چونڊيل نمائندا عوام لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا، هو ايترا ته لالچي ٿي ويا جو گٽر نالين جي صفائي لاءِ ايندڙ بجيٽ به کائيندا رهيا آهن.

بلدياتي

هتي آئون مثال ڏيندس ان يوسي جو جيڪا سدائين سياسي طور تي بارڊر لائين تي هجڻ ڪري ڀوڳيندي رهي آهي، هتان جو عوام سدائين بنيادي سهولتون کان محروم رهيو آهي، اها آهي حيدرآباد جي يوسي 95 جنهن جا ڳوٺ هن وقت ٻه مهينا اڳ ٿيل برسات کان پوءِ مسلسل گندي پاڻي سان ڀريل آهن، يوسي چيئرمين برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هڪ روپيو به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن يوسي جي ڳوٺن ان ڪري به سدائين لوڙيو آهي، ڇو جو هيءَ يوسي لطيف آباد تعلقي جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ اچي ٿي، هتي سدائين ايم ڪيو ايم جو ايم پي اي چونڊبو رهندو هو، جيڪو سمجهندو هو ته کيس سنڌي ڳوٺن مان ووٽ نٿو ملي، تنهن ڪري سندن ذميواري ۾ نٿو اچي ته هو اتي ترقياتي ڪم ڪرائي ۽ ايم اين اي ٽنڊومحمد خان واري تڪ سان ڳنڍيل هوندو هو ۽ هن ووٽ ملڻ جي باوجود هنن ڳوٺن جي واهر نه ڪئي، پر هاڻ جڏهن هن تڪ کي ٽوڙي نئين صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ٺاهي وئي، ان تي گذريل چونڊن ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ ايم پي اي جبار خان چونڊجي آيو ۽ يوسي جو چيئرمين به پ پ جو غلام حيدر شورو چونڊيل آهي، ته به حال ساڳيو ئي رهيو، اليڪشن کان اڳ ۾ جبار خان ڳوٺن ۾ ڪجهه ترقياتي ڪم ڪرايا، پر اليڪشن جو وقت اچي ويو، ٺيڪيدار جي سستيءَ جي نتيجي ۾ اهي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيا ۽ خاص طور تي ڊرينيج جو ڪم رولهڙي جو شڪار ٿي ويو، ناليون ته ٺهيون پر انهن جي نيڪال جو بندوبست نه ڪيو ويو، جنهن ڪري اهي ناليون فائدو ڏيڻ بجاءِ ماڻهن لاءِ عذاب بڻجي ويون، روڊن ۾ غير معياري مٽيريل جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪري هڪ سال ۾ روڊ ڀڄي ڀري ويا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:

بلدياتي

سانوڻي جي برساتن جو ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي هن وقت ماڻهن لاءِ عذاب بڻيل آهي، مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري اهو بدبوءِ ڪري ويو آهي، مڇرن جي آزار سبب ماڻهن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ بدبوءِ ماڻهن کي گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺن جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ رستا گٽرن ۾ تبديل ٿيل آهن، ڪچا رستا هجڻ ڪري هر وقت رستن تي گپ ۽ گندگي رهي ٿي، يوسي چيئرمين ته مٽي وجهرائي رستن کي مٿي ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي، اهڙي ئي حالت جنهن جو ذڪر ڪرڻ هتي آئون ضروري سمجهان ٿو، يوسي 95 جي ڳوٺ جان محمد رند جو بڻيل آهي، هتان جا ڳوٺاڻا بار بار احتجاج ڪري رهيا آهن، مجال جو يوسي چيئرمين سندن تڪليف کي محسوس ڪري، هو ته هن ڳوٺ ۾ اچڻ به پسند نٿو ڪري.

هي به پڙهي سگھو ٿا: یہ ہیرا منڈی ہے یا موچی بازار!

بلدياتي

هيءُ لطيف آباد تعلقي جو قديمي سنڌي ڳوٺ آهي، جنهن کي يوسي چيئرمين ۽ ايم پي اي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺ جي چوڌاري ٻه مهينا اڳ پيل برسات جو پاڻي اڃا تائين بيٺل آهي، ماڻهن جا لکين روپين جي خرچ سان جوڙيل گهر چوڌاري پاڻي بيهڻ ڪري ڪرڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، ان بيٺل پاڻي ۾ ٻارڙن جي ٻڏڻ جو پڻ انديشو رهي ٿو.

بلدياتي

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، مون سوچيو پئي ته هاڻي ته ماڻهن جو بلدياتي نظام ذريعي چونڊجي آيل نمائندن تان به ويساهه کڄي ويو ڇو ته انهن به ماڻهن جا مسئلا حل نه ڪيا. بهرحال ايندڙ سال نون بلدياتي نمائندن جي چونڊ جو سال آهي، آئون ته موجود چيئرمينن کي صلاح ڏيندس ته هو ڪرپشن کي ڇڏي پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪن، ماڻهن جا مسئلا حل ڪن نه ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وري به انهن کي ووٽ وٺڻ لاءِ ته عوام وٽ ئي اچڻو آهي، ائين نه ٿئي ته سندن استقبال ڪنن انڊن ۽ ٽماٽن سان ٿئي، تنهن ڪري ماڻهن جا مسئلا حل ڪري کين تڪليفن کان بچايو وڃي ۽ ماڻهن ۾ هن نظام تي پيدا ٿيل مايوسيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ عوامي مسئلن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.