ايم ڪيو ايم جا ڀتا خور گرفتار….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز انٽيليجنس ڄاڻ تي لانڍي ۾ ڪاروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڀتي خورن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪلري پوليس عزيز بلوچ گروپ جي ڪمانڊر کي گرفتار ڪري ورتو.

تفصيلن موجب رينجرز انٽيليجنس ڄاڻ تي لانڍي ۾ ڪاروائي ڪندي ڀتي خوري ۾ ملوث جوابدار تاشقين علي کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار جو واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي.

رينجرز ترجمان موجب جوابدار ايم ڪيو ايم لنڊن يونٽ 86 لانڍي جو يونٽ اجچارج رهي چڪو آهي، جوابدار فيڪٽرين، مارڪيٽن مان ڀتو وصول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

ترجمان موجب جوابدار پنهنجي يونٽ واري علائقي کي 7 پولن ۾ ورهايو هو. هر پول ۾ 8 کان 10 ڇوڪرا ڀتو وٺنداهئا.

رينجرز ترجمان موجب جوابدار انڪشاف ڪيو آهي ته هو ايم ڪيو ايم لنڊن کي فعال رکڻ ۾ مصروف هو، جوابدار وٽان غير قانوني هٿيار، ايمبولنسون، ڦريل سامان هٿ ڪيو ويوآهي.

You might also like