نفرت انگيز تقرير ڪيس، ايم ڪيو ايم باني تي فرد جرم لاڳو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نفرت پکيڙيندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم باني تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب نفرت پکيڙيندڙ تقريرن جي الزام ۾ ضمانت ختم ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جو باني ٽيون ڀيرو لنڊن جي سدڪ پوليس اسٽيشن ۾ پيش ٿيو جتي هن ٽيون ڀيرو به لنڊن پوليس جي سوالن جا جواب نه ڏنا.

ذريعن موجب لنڊن پوليس ايم ڪيو ايم باني کي سوالن جا جواب ڏيڻ جو مشورو ڏنو هو پر پر جواب نه ڏيڻ ۽ شاهدن جي روشني ۾ پراسيڪيوشن ايم ڪيو ايم باني تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب الطاف حسين تي ڪرائون پراسيڪيوشن سروس فرد جرم لاڳو ڪيو جنهن کان پوءِ کيس ويسٽ منسٽر جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو جتي مئجسٽريٽ کيس فرد جرم پڙهي  ٻڌائيندو، سندس کان گھر جي ايڊريس پڇندو جنهن کان پوءِ گرفتاري يا ضمانت جو فيصلو ڪيو ويندو.

ذريعن اهو به چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين جي وڪيل کي اڄ فرد جرم عائد ٿيڻ جو خدشو هو جنهن سبب ضمانت جا ڪاغذ اڳ کان ئي تيار ڪيا ويا هئا.

ذريعن موجب فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم باني خلاف ٽرائل تقريبن 2 هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.