ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين لنڊن ۾ گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين کي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ميٽرو پوليٽن پوليس طرفان جاري ڪيل بيان موجب متحدا قومي موومنٽ سان سلهاڙيل هڪ شخص کي پاڪستان ۾ ڪيل تقريرن بابت ڪئي ويندڙ جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 60 ورهين جي شخص کي اتر اولهه لنڊن ۾ سنگين ڏوهن واري ايڪٽ 2007ع جي قلم 44 تحت،  ڀڙڪائڻ يا ڏوهه ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس پوليس اينڊ ڪرمنل ايويڊنس ايڪٽ تحت گرفتار ڪري ڏکڻ لنڊن جي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

بيان ۾ چيو وي آهي ته جاچ جي سلسلي ۾ آفيسرن اتر اولهه لنڊن جي ايڊريس تي تلاشي ورتي ۽ جاچ ڪندڙن اوتر اولهه لنڊن ۾ هڪ الڳ ڪمرشل ايڊريس جي به تلاشي ورتي وئي.

ميٽرو پوليٽن پوليس جي بيان موجب ميٽرو پوليٽن پوليس جي دهشتگردي ٽوڙ ڪمانڊ سان تعلق رکندڙ آفيسرن طرفان ڪئي ويندڙ جاچ جون نظرون ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل شخص طرفان آگسٽ 2016ع ۾ پاڪستان ۾ ڪيل تقرير تي کتل آهن جڏهن ته گڏوگڏ ڄاڻايل شخص جي ٻين تقريرن جو به جائزو ورتو پيو وڃي.

ان سڄي جاچ دوران لنڊن پوليس جي آفيسرن پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ رهيا ۽ جاچ جاري رکي جيڪا اڃا تائين جاري آهي.

الطاف حسين جي حوالگي لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي: وفاقي گهرو وزير

 

وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه ايم ڪيو ايم باني جي گرفتاري تي صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته الطاف حسين کي برطانوي ادارن گرفتار ڪيو آهي، کين پاڻ جاچ ڪرڻ ڏيو.

اعجاز شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم باني لنڊن ۾ گرفتار ٿيو، اسان جو ان ۾ ڪهڙو تعلق، هو برطانوي شهري آهي، ڪنهن چيو پاڪستاني آهي.

هن صحافين کي مشورو ڏنو ته الطاف حسين بابت وڌيڪ معلومات لاءِ اسڪاٽ لينڊ يارڊ سان رابطو ڪن، وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم باني جي حوالگي لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو في الحال ڪو ارادو ناهي.

You might also like