حڪومت خلاف پارليامينٽ بدران رستن تي تحريڪ هلائينداسين: آصف زرداري

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حڪومت خلاف پارليامينٽ بدران روڊن تي تحريڪ هلائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي بعد صحافين غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آصف زرداري هڪ ڀيرو وري چيو ته نيب ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهي. ايمنسٽي اسڪيم بابت سندس چوڻ هو ته ماضي واري ۽ هاڻوڪي ايمنيسٽي اسڪيم ۾ ڪو به فرق ناهي، جنهن وٽ ٿورو پئسو آهي اهو بليڪ مني کي وائٽ ڪري وٺندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر چيو ته بلاول ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ آهي، هو شعلن تي هلي ويندو. حڪومت مخالف احتجاج تي آصف زرداري چيو ته پارليامينٽ نه پر روڊن تي حڪومت مخالف تحريڪ هلائيندسين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي سمورن ڪيسن ۾ عارضي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آصف زرداري جي ضمانتن جي ستن درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتن پنجن ضمانتن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪري رهي هئي جڏهن ته آصف زرداري طرفان وڌيڪ ٻه درخواستون داخل ڪيون ويون. اڳوڻي صدر طرفان داخل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب سڀاڻي هريش ڪمپني ڪيس ۾ سڏايو آهي ۽ گرفتاري جو خدشو آهي، تنهنڪري نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ ضمانت منظور ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نئين طلبي جا نوٽيس اچي رهيا آهن جنهن تي جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ته لڳي ٿو ته طلبين ۽ ضمانتن جي ٻوڏ اچي رهي آهي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته پارڪ لين ڪيس جو ڪيس تيار ٿي چڪو آهي جڏهن ته آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ به جاري ٿي چڪا آهن.

You might also like