وات مان بدبوءِ ختم ڪرڻ جا نُسخا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڪثر عورتون توڙي مرد وات ۾ بدبوءِ سبب پريشان رهندا آهن ۽ دوستن توڙي مٽن مائٽن سان کلي ڳالهائي ناهن سگهندا پر هاڻ پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، ڇو ته اسان توهان کي اهڙا نسخا ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن تي عمل ڪرڻ سان توهان جي وات مان بدبوءِ مڪمل طور ختم ٿي ويندي ۽ توهان هر هنڌ کل ڀوڳ ڪري سگهندا.

1: ڏهه کان ٻارنهن عدد نِم جي پَنن کي هڪ گلاس پاڻي ۾ وجهي چڱيءَ طرح اٻارڻ کانپوءِ ڇاڻيو ۽ پاڻي ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ ان سان غرارا ڪيو. اهو عمل پابنديءَ سان ورجائڻ سبب توهان جي وات مان بدبوءِ ختم ٿي ويندي.

2: هلڪي گرم پاڻي ۾ لوڻ ملائي غرارا ڪيو، لوڻ ۾ موجود عنصر وات مان بدبوءِ ختم ڪرڻ لاءِ اهم آهي.

3: هڪ گلاس ٿڌي پاڻي ۾ 2 ڦڙا لونگ جو تيل ملائي وات کي چڱيءَ طرح ڌوئي ڇڏيو، اهو تيل اينٽي بائيوٽڪ جو ڪم ڪندو آهي ۽ ان ۾ موجود يونينال ۽ فينينال ايسٽويل مائوٿ واش جو ڪم ڪندو آهي، جنهن سان وات جي بدبوءِ ختم ٿي ويندي آهي.

You might also like