مائرن جو عالمي ڏينهن، ” اسان ماءُ جي اهميت کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صاف، شفاف، پاڪيزا ڪنن کي راحت بخشيندڙ ماءُ جهيڙي لفظ لاءِ ڪنهن به شاهدي جي ضرورت ناهي هوندي، ماءُ هڪ عظيم نعمت آهي، ماءُ خدا جي طرفان اسان سڀني کي ڏنل انمول تحفو آهي جنهن جو ڪو به متبادل نه آهي.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ان موقعي تي جتي عام ماڻهو پنهنجي مائرن سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن اتي شوبز ستارن به پنهنجي مائرن سان گذاريل لمحن جو ذڪر ڪيو سوشل ميڊيا تي خوبصورت پيثام شيئر ڪري دنيا جي ان عظيم هستي کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

اداڪارا مهوش حيات ان خوبصورت موقعي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان اڪثر ماءُ جي اهميت کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، پر ماءُ ٿيڻ سولو ناهي، هي  سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، منهنجي ماءُ ڏاڍي مضبوط عورت آهي، هوءَ پنهنجي اولاد لاءِ هڪ سپاهي آهي.

 اداڪارا ماورا حسين به ٽوئيٽر تي پنهنجي امڙ سان گڏ تصوير پوسٽ ڪندي ٻالڪ پڻ کان هنيئر تائين پنهنجي ماءُ سان گڏ گهاريل لمحن کي ياد ڪندي لکيو ته پنهنجي پيدائش کان وٺي اوهان جو هٿ پڪڙيون آهي مون کي اوهان جي تمام گهڻي محبت آهي، اوهان جي عظمت کي سرهائڻ لاءِ لفظ نٿا ملن، اوهان اسان لاءِ خدا پاران ڏنل خوبصورت ۽ املهه تحفو آهيو، آءٌ خوش قمست آهيان جو اوهان منهنجي  ماءُ آهيو.

راڳي ۽ اداڪار فرحان سعيد ان خوبصورت موقعي تي چيو ته اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان پنهنجي امڙ جي ڪري آهيان، ننڍپڻ کان هوءَ منهنجي ڪيئي ڳالهين کي منهنجي والد کان لڪائيندي هئي، ته جيئن مان اهو ڪري سگهان جيڪو ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ڪيئي دفعا ائين ظاهر ڪرڻ چاهيندي هئي ته هن منهنجي والد کي ڪجهه ناهي ٻڌايو ته ته جيئن مان ڊڄان نه. منهنجو والد ايڏو سخت مزاج نه هو پر ٻالڪپڻ ۾ والد کان گهڻو ڊڄندو هئس.  فرحان سعيد چيو ته منهنجي امڙ مونکي اهو بڻايو جيڪو آءُ اڄ آهيان. ماڻهو چوندا آهن ته ماءُ پهرين درسگاهه هوندي آهي پر مون لاءِ ماءُ پوري ڪائنات آهي.

 ان کانسواءِ ادڪارا آمنه الياس، بلال عباس خان ۽ آمنه بابر به مائرن جي عالمي ڏينهن تي خوبصورت پيغام شيئر ڪري کين سندن ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪئي.