موريءَ جا فائدا…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مُوري هونءَ ته اسان جي غذا جو اهم حصو آهي پر ان جي ڪَڙي ذائقي جي ڪري اسان جي معاشري ۾ مُوريءَ جو تمام گھٽ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته معاشري ۾ ماڻهن کي مُوريءَ جي فائدن بابت گھڻي ڄاڻ نه آهي. اسان اڄ توهان کي مُوريءَ جا فائدا ۽ ان جو استعمال ٻڌائينداسين.

چمڪندڙ ڏندن لاءِ:

 مُورِيءَ جو رس ۽ سِرڪو هڪ هڪ چمچو بيڪنگ سوڍا ۽ لوڻ جي هڪ هڪ چپٽي ملائي ڏندن تي لڳايو. ڏند صاف ۽ چمڪندڙ ٿي ويندا.

هوم فيشل:

 مُوريءَ جو رس ڏهي ۽ ٽماٽن جو رس هڪ جيترو کڻي ابٽن جيان لڳايو. ان کانپوءِ صرف عرق گلاب سان چهرو ڌوئي ڇڏيو.

ڊگھن وارن لاءِ:

مُوريءَ جا پن، ان جو تيل، سرنهن جو تيل، گلِ باديان، ٿوم، لونگ، ڪارو جِيرو، جواڻ، جائفل جاوتري، ڪلونجي ۽ آمله،،،، اهي سڀئي شيون گڏائي اٻاريو هڪ اٻارو اچڻ کان پوءِ انهن کي لاهي ڇڏيو. ڪپهه جي مدد سان وارن جي پاڙن ۾ لڳايو. ڪجه ئي ڏينهن جي استعمال کانپوءِ وار ڊگھا ٿيڻ شروع ٿي ويندا.

سنَڌن جي سور لاءِ:

سرنهه جي تيل ۾ موريءَ جا پن وٺي ايترو پچايو جو پن سڙي وڃن. پوءِ ٻيا پن وجھي ساڳي طرح پچايو. اهو عمل ٽي کان چار ڀيرا ڪرڻو آهي. ائين ڪرڻ سان موريءَ جو انفيوزن تيل تيار ٿي ويندو. هي تيل سُور واري جاءِ تي لڳائڻ سان آرم اچي ويندو آهي.

گنجو پڻ:

مُوريءَ جو رس گنج تي روز رڳڙڻ سان وار اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا.

You might also like