سڪرنڊ واسين لاءِ محمد بخش مھر لائبريري جو تحفو

قادر بخش رند

سڪرنڊ شھر جي غريب ۽ بي پھچ شاگردن جي لاءِ ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ  اياز مھر جي طرفان تحفي طور مليل محمد بخش مھر لائبريري سڪرنڊ جي شاگردن لاءِ تمام گھڻي ڪارائتي ثابت ٿيڻ لڳي، ھن لائبريري جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيترن ئي محنتي شاگردن کي پڙھڻ ۽ سکڻ جو ھڪ بھترين ادارو ملي ويو آھي، سڪرنڊ شھر آبادي جي لحاظ کان چار، پنج لک تي مشتمل آھي، پر ھتي اڳ ۾ ڪا به لائبريري نه ھئي، سڪرنڊ واسين لاءِ اھو تمام وڏو خال ھو، جيڪو اسان جي پياري ڀاءُ تعليم دوست انسان  اياز مھر، محمد بخش مھر جي نالي سان لائبريري جوڙائي سڪرنڊ شھر جي پڙھندڙ محنتي نوجوانن کي تحفو ڏنو، جنھن سان سڪرنڊ جي شاگردن ۾ خوشيءَ جي  لھر نظر پئي اچي، سڪرنڊ ۾ قابلي حيثيت ته ڪيترائي ماڻھو رھن ٿا، پري ڪنھن جي به دل ۾ اھڙو خيال نه آيو، جيڪو اياز مھر جي دل ۾ آيو، سڪرنڊ ٽائون ڪاميٽي ۾ لائبريري جي لاءِ وڏي فرسٽ ڪلاس بلڊنگ به موجود ھئي، پر ڪنھن به چيئرمين ۽ ناظم کي توفيق نٿي جو ان لائبريري کي کولائي ۽ ان ۾ ڪتابن جي پورائي ڪرائي ھا  ته جيئن سڪرنڊ جا محنتي شاگرد اتي پڙھي، چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ويھي سگھن ھا، لائبريري جي بجيٽ ھوندي به بند پيل رھندي ھئي.

محمد بخش مھر لائبريري جي کلڻ کان پوءِ نوجوانن جو اتي وڃي پڙھڻ جورجحان ڏسي ھاڻوڪي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين محمد منير شاهه ٽائون ڪاميٽي جي لائبريري واري بلڊنگ کي رپيئر ڪرائي رنگ روگن ڪرائي ان کي کولرايو آھي، جيڪو ھڪ بھترين قدم آھي، جنھن سان سڪرنڊ جي شاگردن کي ھڪ بھترين لائبريري ملي پڙھڻ جي لاءِ، پر ان لائبريري جي کولڻ جو ڪريڊٽ به اياز مھر ڏي ٿو وڃي، ڇو جو ان جي جوڙيل لائبريري جي ڪري ئي سڪرنڊ جي شھرين ۽ ساڃاهه وندن لائبريريون ٺاھڻ شروع ڪيون آهن. محمد بخش  مھر لائبريري ۾ شاعري، ادبي ۽ چٽاڀيٽي جي امتحانن  جا ڪتاب پڻ موجود آھن، جيڪي باآساني سان شاگردن کي پڙھڻ لاءِ ملن ٿا، سچ پڇو ته محمد بخش لائبريري جي قيام کان پوءِ ھتان جي تعليم دوست شخصيتن تمام گھڻو تعاون ڪيو، جن مختلف مڪتبي فڪر جا ڪتاب گفٽ ڪيا، محمد بخش لائبريري کي جوڙڻ ۾ اياز مھر سان گڏ سائين محمد حنيف سومري جو به وڏو ڪردار رھيو، جنھن پنھنجي محنت سان ڪيترائي ڪتاب محمد بخش مھر لائبريري کي ڏنا ۽ انھن جي پوري ترتيب به پاڻ ڪئي، جڏھن لائبريري جي باري ۾ اياز مھر کان پڇيم ته توکي لائبريري ٺاھڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو، ان جو جواب ڏيندي اياز مھر ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته مان ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق ٿو رکان، مون کي پڙھائي ڪرڻ ۾ جيڪا به تڪليف آئي، اھو مان لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھان، ڇو جو غريبي حال جي ڪري اسان وٽ اھي وسائل نه ھئا،جو اسان سٺي تعليم حاصل ڪري سگھون، پوءِ ڌڪي سڪي ڪجھ تعليم حاصل ڪيم، بعد ۾ نوڪري ملي ته مون کي خيال ٿيو ته هڪ لائيبريري جوڙڻ گهرجي، جنهن جي ضرورت مون شاگردي واري دور ۾ محسوس ڪئي هئي، منھنجو خواب به پورو ٿيو، منھنجي ھن لائبريري ۾ اڪثريت غريب شاگردن جي آھي، اهي ڪتاب نٿا وٺي سگھن، انھن جي لاءِ مون انھن جي تعليم بابت ڪتاب خريد ڪري رکيا آھن، جيڪي با آساني سان انھن کي ڏيندو آھيان، جيڪي انھن جو مطالعو ڪري پنھنجي مقصد ۾ ڪاميابي جي طرف گامزن آھن.

محمد بخش لائبريري ۾ مان ليڪچر پروگرام به ٿيندا آهن، محمد بخش لائبريري ھر مڪتبي فڪر جي شاگردن ۽ تعليم دوست شخصيتن لاءِ ھر وقت کليل رھي ٿي، ھن جو پورو خرچ اياز مھر پاڻ برداشت ڪندو آھي، اياز مھر جي سوچ ۽ غريب شاگردن جي لاءِ احساس ڪرڻ سچ پڇو ته ھڪ وڏو عمل آھي، ھن جي ھن بھترين عمل جي ڪري ڪيترائي شاگرد يقينن پنھنجي منزل ماڻيندا ۽ اھي سٺين جاين تي پھچي سنڌ سميت پوري پاڪستان جو نالو روشن ڪندا، ھن نفسا نفسي واري دور ۾ ھر ماڻھو  ڪاروباري ٿيندو پيو وڃي، اسان جي سڪرنڊ ۾ شادي ھال ٺھرائڻ، ھوٽلون اڏڻ، مني سينيما کولڻ ۽ واٽر پارڪ کولڻ جو روجحان تمام گھڻو وڌي ويو آھي، ھتان جا نوٽبل سڏجندڙ ماڻھو به انھن ڪاروبارن ۾ مصروف پيا ڏسڻ ۾ اچن، پر ڪنھن به اڄ تائين اياز مھر واري سوچ رکي تعليم جي بهتري لاءِ ڪو قدم نه کنيو، اسان کي اهڙي تعليم دوست شخص کي داد ضرورت ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٻين شهرن جا تعليم دوست به اهڙي قسم جو ڪم ڪن، جنهن سان تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري ۾ مدد ملي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.