جديد ٽيڪنالوجي سرڪس جي جانورن تي ٿيندڙ ظلم جو رستو بند ڪري ڇڏيو

برلن (ويب ڊيسڪ) پراڻي زماني کان سرڪس ٻارن ۽ وڏن لاءِ تفريح جو سبب رهيو آهي، مختلف ڪرتب ڏيکاري جانور پنهنجي مالڪ جي اشارن تي هلندي ڏسندڙن کي دنگ ڪري ڇڏيندا آهن.

پر انهن جانورن جي فرمانبرداري پٺيان ايترا ظلم لڪيل هوندا آهن جو جيڪڏهن ان جي تفصيل ۾ وڃجي ته وار اڀا ٿي ويندا آهن. جانور کي سيکارڻ لاءِ انهن تي تشدد ۽ ڪيترائي ڏينهن انهن کي بک ۽ اڃ تي رکڻ عام ڳالهه آهي. 

سموري دنيا جي جانورن لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمون ڊگھي عرصي کان جانورن جي خراب حالت تي ڌيان ڏيڻ ۽ سرڪس کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن، تازو ئي هڪ اهڙو سرڪس پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪنهن جانور کي ظلم ۽ تشدد جو نشانو ناهي بڻايو ويو.

جرمني جي جڳ مشهور سرڪس ۾ پهريون ڀيرو جانورن جا هولو گرامز پيش ڪيا ويا آهن. اهي هولوگرامز روايتي جانورن جي ڪرتبن کان علاوه اهي ڪرتب به ڏيکاري رهيا آهن جيڪي اصل جانور پيش ڪندا آهن.

سرڪس انتظاميا جو چوڻ آهي ته هنن سرڪس لاءِ جانورن تي ٿيندڙ ظلمن کي ڏسندي اهو  قدم کنيو آهي ۽ هو ان پروجيڪٽ لاءِ هنن کي 6 ورهين جو وقت لڳي ويو آهي.

سرڪس جي ان قدم کي نه رڳو ماڻهن پسند ڪيو پر سوشل ميڊيا تي به ان کي گھڻي موٽ حاصل ٿي رهي آهي. جانورن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن به ان قدم کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي.  

You might also like