رپورٽ:مٺي: سول اسپتال ۾ انتظاميه جي نااهلي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب ٽي ٻارڙا فوت

عوامي آواز رپورٽ
مٺي: سول اسپتال ۾ انتظاميه جي نااهلي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب ٽي ٻارڙا فوت
عوامي آواز رپورٽ مٺي: سول اسپتال ۾ انتظاميه جي نااهلي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب ٽي ٻارڙا فوت

*مٺي جي سول اسپتال مٺي ۾ انتظامي نااهلي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا، اسپتال انتظاميا پاران ايمبولنس نه ڏيڻ ڪري وارث معصومن جا لاش موٽرسائيڪل ۽ پرائيوٽ گاڏين تي کڻي  ويا .

 ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت جي دعوائن جي باوجود سول اسپتال مٺي انتظامي نااهلي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن،

 فوتي ٻارڙن ۾ روپلي ڪولهي، جاويد اقبال ۽ يونس جو تازا ڄاول ٻارڙا شامل آهن ۽ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 29 ٿي ويو آهي.

 ٻئي طرف انتظاميا فوتي ٻارن جي وارثن کي ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري معصومن جا مڙهه موٽر سائيڪلن ۽ خانگي گاڏين تي نيا ويا………………

You might also like