رپورٽ: ميرپورخاص ۾ سالياني مختلف جنسن جي انبن جي نمائش ڪئي وئي.

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ميرپورخاص ۾ سالياني مختلف جنسن جي انبن جي نمائش ڪئي وئي.
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ميرپورخاص ۾ سالياني مختلف جنسن جي انبن جي نمائش ڪئي وئي.

 

ميرپورخاص ۾ سالياني مختلف جنسن جي انبن جي نمائش ڪئي وئي.

بينظير ڀٽو ايگزهيبيشن هال ۾ 54 هين انبن جي نمائش جو افتتاح ڪمشنر عبدالوحيد شيخ ڪئي.

ايس ايس پي جاويد بلوچ، ڊائريڪٽر انفارميشن شفيق حسين ميمڻ،  ايگريڪلچر کاتي جا عملدار پڻ نمائش ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪمشنر عبدالوحيد شيخ ۽ ايس ايس پي جايد بلوچ چيو ته جديد دور جي طريقن سان انب کي پاڇاٽي ۾ به آڻي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

هنن چيو ته دنيا جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ 200 انبن جا قسم آهن جيڪي سائنس دانن ۽ آبادگارن جي گڏيل ڪوششن جو  نتيجو آهن.

ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر رسرچ سنڌ نور محمد بلوچ چيو ته انبن کي انڊو نيشيا ۾ ايڪسپورٽ ڪيو وڃي انڊو نيشا طرفان ڪوبه ٽيڪس نه ورتو ويندو